انسان جي تاريخ

انسان جي تاريخ (ڪتاب ):سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، اديب ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو هيءُ 60 صفحن جو ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل ڪتاب، اول ”اداره انسانيت“ طرفان 1953ع ۽ پوءِ ”عبرت“ جي ڏيپلائي ڪتابي سلسلي جو 120 نمبر ڪتاب آهي، جيڪو اسلاميه دارالاشاعت، اسٽيشن روڊ، حيدرآباد سنڌ مان فاضل ليکڪ 1957ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت صرف هڪ رپيو رکيل آهي. ”انسان جي تاريخ“ ڪتاب مختلف بابن تي مشتمل آسان زبان ۾ لکيل آهي. باب پهريون ”انسان سوچي ٿو“، باب ٻيو ”اُبتا پير“، باب ٽيون ”سرويچ مجاهد“، باب چوٿون ”عقلي عالمن جو زور“، باب پنجون ”پادرين کي شڪستون“، باب ڇهون ”ڊارون ٿيئري“ ۽ آخري باب ”مذهبي عالم ۽ عقلي عالم“ عنوانن تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1967ع ۾ ۽ پنجون ايڊيشن 1975ع ڇپيو، جنهن ۾ 136 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو پنجاهه پئسا ڄاڻايل آهي .


لفظ انسان جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو